مخصوص گروپن جو هدف ڪرپشن نه پر هڪ شخصيت آهي: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت مخالف ڌر جا ٽي او آر رد ڪندي مخالف ڌر کي مشاورت جي آڇ ڪري ڇڏي آهي،  گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مخالف ڌر وزير اعظم کي ڦاسائي پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ چاهي ٿي. مخصوص گروپن جو هدف ڪرپشن نه پر هڪ شخصيت آهي، پاناما ليڪس مامري کي سياسي مقصدن لاءِ تڪراري بڻايو ويو آهي، ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته پاناما اشو رڳو ميڊيا تي هلي، الزامن جو سلسلو هلندو رهي ۽ ڪيس انجام تائين نه پهچي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته پاناما ليڪس ۾ صرف وزير اعظم جو نالو نه آهي، معاملي تي سڀني کان پهرين پاڪستان جي وزير اعظم رد عمل ڏنو، پاناما ليڪس ۾ دنيا جي اهم ماڻهن جا نالا سامهون آيا. چوڌري نثار جو چوڻ هو ته پاناما ليڪس ۾ وزير اعظم جو نالو موجود نه آهي، وزير اعظم چيو ته ڪجهه به لڪائڻو ناهي، جاچ ڪرائڻي آهي، اپوزيشن کي مرضي جي ڪميشن ٺاهڻ جي آڇ به ڪئي، اپوزيشن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪميشن جوڙي وڃي، نيٺ حڪومت سپريم ڪورٽ کي ڪميشن لاءِ خط لکيو، چيف جسٽس کي خط لکڻ بعد سوچيو ته الزام بازي نه ٿيندي، پر سياستدانن جي ناڪاري بيانن سبب ججن ڪيس تي ڪم کان انڪار ڪيو. چوڌري نثار چيو ته اپوزيشن کي گذآرش آهي ته قوم آڏو ڪجھه سچ به رکي، سپريم ڪورٽ کي ڊڪٽيٽ نه ڪيو وڃي ڇا سپريم ڪورٽ تي حڪومت اثر انداز ٿي سگھي ٿي. ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته مخاف ڌر جا ٽي او آر پڙهي سخت مايوسي ٿي، حڪومت تفصيلي ٽي او آر ٺاهيا، جن ۾ شهرين کي به شامل ڪيو ويو، خابرو ادارن موجب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي زاهد حامد جو چوڻ هو ته 22 اپريل تي حڪومت چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست ڪئي، چيف جسٽس کي پاڻ ئي درخواست ڪئي وئي هئي، چيو ويو ته حڪومت پاڻ ئي ٽي او آر ٺاهيا، پر اعتراض واضح نه ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته مخاف ڌر پنهنجن ٽي او آرز ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته وزير اعظم معاملو ڊڪليئر ئي ناهي ڪيو، اختيار پهرين ئي ڪميشن وٽ هئا، مخاف ڌر جي ٽي او آر ۾ پاور آف اٽارني جي ڳالهه بنيادي اصول جي خلاف ورزي آهي، بدنيتي تي ٻڌل تجويزون قبول نه آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *