مختلف ملڪن مان ملڪ نيڪالي ڏنل پاڪستانين جي واپسي لاءِ هڪ واضح ايس او پي بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان مختلف ملڪن مان ملڪ نيڪالي ڏنل پاڪستانين جي واپسي لاءِ هڪ واضح ايس او پي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن پاڪستاني کي مڪمل معلومات حاصل ڪرڻ بنا واپس قبول نه ڪيو وڃي، سومر تي اجلاس ۾ هن هدايت ڪئي ته ڪنهن به شخص جي ملڪ بدر ڪرڻ جي صورت ۾ ان جي شهريت جو حتمي تعين ۽ ڊيپورٽ ٿيڻ جا سبب معلوم ڪيا وڃن، هن ان مقصد لاءِ ايس او پي ترتيب ڏيڻ ۽ پرڏيهي وزارت ۽ بيروني ملڪ پاڪستاني سفارتڪارن سان رابطي لاءِ گهرو وزارت جي اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي، گهرو وزير چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته بيروني ملڪ سفارتڪارن مان ڪنهن به ملڪ نيڪال ڏنل شخص جا عارضي سفري دستاويز جاري ڪرڻ کان اڳ گهرو وزارت ان جي قائدن جي تصديق ڪري، ان ڏس ۾ هڪ هفتي واضح پاليسي پيپر تيار ڪري سمورن سفارتخانن کي اماڻيو وڃي، چوڌري نثار علي خان چيو ته اسان پاڪستان کي سڄي دنيا جي ڏوهارين جي رهائشگاهه بڻائڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، هن چيو ته اٽلي مان ملڪ نيڪالي ڏنل عثمان غني نالي شخص جو پشاور واقعي سميت دهشتگردي جي ڪنهن ڪارروائي سان ڪو تعلق ثابت ناهي ٿيو، گهرو وزير وزارت ۾ مختلف عهدن ۽ ذميوارين جي نئين سر تنظيم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس کي قومي ايڪشن پلان تي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گهرو وزير جي ڪوشش سان عالمن سڳورن ۽ حڪومت وچ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن فارمن تي اتفاق ٿي ويو آهي، گهرو وزير چيو ته ملڪ جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ عالم سڳورن جو تعاون حوصلائتو آهي، عالمن جي تعاون ۽ رهنمائي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، هن چيو ته قوم جو حوصلو بلند رکڻ ۽ دهشتگردن جي گمراهه ڪندڙ پروپگنڊا کي ختم ڪرڻ لاءِ ميڊِيا جو ڪردار مثالي رهيو آهي، هن هدايت ڪئي ته اين سي ايم سي ۽ نيڪٽا کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ جو عمل هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، اجلاس ۾ پرڏيهي اين جي اوز جي رجسٽريشن لاءِ نئين ضابطڪار تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، ۽ اجلاس کي اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ جي تفيصل کان آگاهه ڪيو ويو، گهرو وزير چيو ته آئينده ڪو نالو ڪنهن ٺوس سبب کانسواءِ ايل سي ايل ۾ نه وڌو ويندو، گهرو وزارت جي اي سي ايل ڪميٽي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته نئين پاليسي تي ان جي روح مطابق عمل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *