مخالف ڌر ٿر صورتحال جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ٿر ۾ ٻارڙا فوت ٿيڻ واري معاملي تي بحث دوران مخالف ڌر جي ميمبرن سنڌ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي ان کي صورتحال جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، فنڪشنل ليگ ايم پي اي امتياز شيخ چيو آهي ته ٿر واري صورتحال تي جيڪڏهن صحت وارو وزير ضابطو نٿو آڻي سگهي ته عالمي ادارن کان مدد ورتي وڃي، صوبائي وزير سڪندر منڌرو جو چوڻ آهي ته ٿر جي صورتحال کي وڌائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبر ٿر جي صورتحال ۽ اسڪولن جي سيڪيورٽي سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ٿر واري صورتحال تي بحث دوران مخالف ڌر جي ميمبرن سنڌ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي ان کي صورتحال جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. فنڪشنل ليگ جي امتياز شيخ چيو ته ٿر واري صورتحال تي جيڪڏهن صحت وارو وزير ضابطو نٿو آڻي سگهي ته عالمي ادارن کان مدد ورتي وڃي. امتياز شيخ جو چوڻ هو ته ٿر واري معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ڪميٽي جوڙي وڃي. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رئوف صديقي چيو ته هُو ٿر جي صورتحال جو ذميوار ڪنهن هڪ وزير نه پر سڄي سنڌ حڪومت کي ذميوار سمجهن ٿا.. رئوف صديقي جو چوڻ هو ته گذريل سال ٿر ۾ 7 سئو ٻارڙا فوت ٿيا، هلندڙ سال هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، پر حڪومت جي سنجيدگي نظر نٿي اچي. پي ٽي آءِ جي خرم شيرالزمان چيو ته ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي بهانا نه هلندا، ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جا سبب ڪهڙا به هجن پر ذميوار حڪومت ئي آهي. ايم ڪيو ايم ميمبر پونجومل ڀيل چيو ته وڏي وزير مارئي جي ديس ۾ رهندڙ عورتن جو مذاق اڏايو آهي، قائم علي شاهه عورتن بابت ڏنل پنهنجو بيان واپس وٺي. فنڪشنل ليگ ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي چيو ته اڇڙي ٿر ۾ به ڏڪار واري صورتحال آهي، ڏڪار جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا. پ پ جي شهلا رضا جو چوڻ هو ته مخالف ڌر رڳو تنقيد ڪرڻ بدران حڪومت جي ڪارڪردگي تي به نظر وجهي، ٿر ۾ صحت سميت سموريون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. صوبائي وزير سڪندر منڌري چيو ته ٿر جي صورتحال کي وڌائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي…. مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن صوبي ۾ اسڪولن جي سيڪيورٽي وارو معاملو ايوان ۾ اٿاريندي چيو ته سنڌ حڪومت تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي لاءِ سنجيده ناهي، ٻارڙن جي زندگين ۽ ملڪيتن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي. خواجا اظهار الحسن چيو ته اسڪولن کي بند ڪرڻ نه پر انهن جو تحفظ ڪرڻ مسئلي جو حل آهي. تعليم واري وزير نثار کهڙو چيو ته سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن کي خطرو آهي، سرڪاري اسڪولن جي چارديواري جي مرمت ڪرڻ جي ڪوششن ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *