مخالف ڌر سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، صادق سنجراڻي جو استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) ملڪ جي ٻن وڌين اپوزيشن جماعتن جي قيادت تي ڪرپشن جي الزامن جي باوجود پي ٽي آءِ حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سينيٽ ۾ موجود اپوزيشن صادق سنجراڻي جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ جو ٺهراءُ ۽ سينيٽ اجلاس سڏائڻ جي رڪويزيشن جمع ڪرائي ڇڏي سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ جي ٺهراءُ کي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ اپوزيشن سان تعلق رکندڙ سينيٽرز جو هڪ اجلاس سينٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا ظفرالحق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ عدم اعتماد جي رٿ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي ويئي اجلاس ۾ شيرين رحمان، پرويز رشيد مصدق ملڪ آصف ڪرماني سميت سسئي پليجو، يوسف باديني، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، مشاهدالله خان، ستاره حيات ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ان کان سواءِ پ پ پ کان رٺل سينيٽر خانزاده خان به هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيو جڏهن ته مخالف ڌر جماعتن جي اجلاس ۾ سراج الحق ۽ مشتاق احمد شرڪت نه ڪئي سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ تيار ڪرڻ لاءِ مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته سينيٽر شيرين رحمان رولز تي بريفنگ ڏني جنهن کان پوءِ صادق سنجراڻي جي خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ شيرين رحمان ۽ سينيٽر جاويد عباسي تيار ڪيو جنهن تي اجلاس ۾ شامل سمورن اپوزيشن سينيٽرن صحيحون ڪري ڇڏيون ذريعن ٻڌايو ته اپوزيشن سينيٽ اجلاس سڏائڻ لاءِ ريڪويزيشن جمع ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو جنهن کي ٺهراءُ سان گڏ جمع ڪرايو ويو. ٻئي طرف  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي استعيفيٰ نه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادي پارٽين طرفان سينيٽ چيئرمين کي حمايت جي خاطري ڪرائي وئي آهي. تفصيل موجب مخالف ڌر طرفان سينيٽ چيئرمين کان استعيفيٰ جي مطالبي تي صادق سنجراڻي اتحادي پارٽين طرفان حمايت جي خاطري کان پوءِ مستعفيٰ نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. فاٽا جي آزاد ميمبرن طرفان به سينيٽ چيئرمين جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. اتحادي پارٽين سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي گذريل ڏينهن کان ٿيل ملاقاتن ۾ استعيفيٰ نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *