
اسلام آباد (بيورو) خورشيد شاهه چيو آهي ته مخالف ڌر جي غير موجودگي ۾ پي آءِ اي جو بل اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ زيادتي آهي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته قومي ايئرلائن کي خانگائڻ حڪومت جي بدنيتي آڏو اچي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت قومي ادري کي خانگائي ظلم ڪري رهي آهي، وزيراعظم پي آءِ اي کي نه خانگائڻ جو واعدو ڪيو هو. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پي آءِ اي کي ڇو پيو خانگايو وڃي، جڏهن ان جو ڪو خرچ ناهي، تيل جا اگهه گهٽ ٿيڻ سبب قومي ايئرلائن جي خرچ ۾ 34 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته ڪستو ٽوڙڻ جي دعويٰ ڪندڙن قرض کڻڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ميٽرول کي سالياني چار ارب روپين جي سبسڊي ڏئي قومي ناڻي کي نقصان پهچايو پيو وڃي. خورشيد شاهه چيو ته ماضيءَ ۾ اسحاق ڊار پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف احتجاجن جي قيادت ڪندو هو.