مخالف ڌر جي ريلي سامهون اچي ته قناتون لڳائي ڪيمپ بند ڪري ڇڏيو: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ چئي ٿو ته مخالف چاهين ٿا ته نه کيڏو نه کيڏڻ ڏيو، ته جيئن اين اي246 ۾ ضمني چونڊون  ئي نه ٿين.جناح گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم پاران رٿيل ميوزڪ نائيٽ ۾ شامل ماڻهن سان خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته اسان قوم کي مال ملڪيت نه پر حوصلو ڏنو آهي. الطاف حسين ڪارڪنن کي صبر جي سمجهاڻي ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪن چونڊن واري مهم دوران مخالفن جو منهن آڏو ڪرڻ کان پري رهن، جتي ٻين تنظيمن  جا ڪيمپ هجن هو پنهنجي ريلي اتان  نه ڪڍن ڇو ته مخالف تڪن ۾ چونڊن نٿا چاهين. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ هدايت ڪئي ته جناح گرائونڊ اچڻ وارن جو بهتر نموني خيال رکيو وڃي، 17 اپريل کان چانهن جو ديڳون چڙهنديون. الطاف حسين اها دعوا به ڪئي ته تڪ اين اي246 جون ضمني چونڊو ايم ڪيو ايم ئي کٽيندي. الطاف حسين ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته مخالف ڌر جي ريلي سامهون کان لنگهي ته ڪارڪن قناتون هڻي ڪيمپ بند ڪري ڇڏين ته جيئن ڪنهن به قسم جو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي. الطاف حسين جو چوڻ هو ته مون ڪراچي وارن کي ڪنڌ مٿي کڻي جيئڻ ۽ پنهنجي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ سيکاريو آهي. هن چوڻ هو ته  مهاجرن  سان ناانصافين تي ڳالهائڻ وارو ڪير به نه آهي  مون مهاجرن کي پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ سيکاريو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *