مخالف ڌر اڳواڻ کي روڪيو ويو ته قائد ايوان به قومي اسيمبلي ۾ نه اچي سگهندو: مسلم ليگ ن

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) وزيراعظم جي خاص مددگار نعيم الحق جي ٽوئٽ تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر اڳواڻ اسيمبلي ۾ نه ايندو ته ليڊر آف دي هائوس به نه ايندو نعيم الحق جي ڪابه حيثيت نه آهي جڏهن خاص مددگار ڳالهائي ٿو ته سمجهو ته وزيراعظم ڳالهائي ٿو اسپيڪر معاملي تي نوٽيس وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي وزيراعظم پاڻ 6 مهينن کان پوءِ اسيمبلي آيو ۽ ناراض ٿي هليو ويو اسان ته وزير اعظم جي ڳولا جو اشتهار ڏيڻ وارا هئاسين اڳتي ڏسون تبديلي وارا به ڀوڳي وٺندا حڪومت ججز جو انگ وڌائڻ جو پهريون بل پاس ڪيو آهي اسان چاهيون ٿا ته جيڪو شخص به هاءِ ڪورٽ جي جج بڻجڻ اچي رهيو آهي اهو پنهنجا اثاثا ڊڪليئر ڪري بدقسمتي سان حڪومتي بئنچ ان ڳالهه جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا جج ٽيڪس چور به بڻجي سگهن ٿا جمعي تي (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ اڳوني وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي وزيرن خواجه محمد آصف ۽ مريم اورنگزيب سان گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ پهريون بل پاس ڪيو آهي هي ججن جو تعداد وڌائڻ جو بل هو هن چيو ته صوبائي ڪوٽا بابت ڪو جواب ناهي آيو هن چيو ته جيڪو شخص به هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجندو اهو پنهنجا اثاثا ڊڪليئر ڪري هن چيو ته اسپيڪر اجلاس اوچتو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هڪ شخص نعيم الحق 3 ٽوئٽ ڪيا آهن جنهن ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي ڌمڪي ڏني ويئي آهي هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي هن نعيم الحق جي حوالي سان چيو ته هي شخص وزيراعظم جو خاص مددگار آهي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسپيڪر کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ميمبرن جو تحفظ اوهان کي ڪرڻو آهي. خواجه محمد آصف ان موقعي تي حڪمران جماعت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته هي پاڻ گٿي زمان ڳالهائيندا رهيا آهن. ڊي چوڪ شاهد آهي هن چيو ته نعيم الحق جي ڪابه حيثيت نه آهي جڏهن خاص مددگار ڳالهائي ٿو ايئن سمجهو وزيراعطم ڳالهائي ٿو هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هي سسٽم ڪري پر حڪمرانن جي رويي تي افسوس آهي هن چيو ته سڀ محترم ادارا آهن جيڪڏهن هي معاملو پارليامينٽ ۾ رکڻو آهي ته اسان به تيار آهيون هڪ هڪ دفعو ٻيهر نعيم الحق تي تنقيد ڪندي چيو ته اهڙِ قسم جي ٽوئٽ ڪري پارليامينٽ جوا حترام ناهي ڪيو هي پارليامينٽ کي گاريون به ڏيندا رهيا آهن خواجه محمد آصف چيو ته وزيراعظم 6 مهينن کان پوءِ اسيمبلي آيو آهي. هڪ سوال تي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسپيڪر خاطري ڪرائي آهي ته ان جو نوٽيس وٺنداسين شاهد خاقان عباسي چيو ته وزيراعطم ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيڪو گاريون گهڻيون ڏيندو ان کي وڏو عهدو ملندو هي هن ملڪ جي بدقسمتي آهي هن چيو ته وزيراعظم عمران خانکي پنهنجي ڀيڻ لاءِ ايمنسٽي اسڪيم جي حوالي سان ڳالهائڻ نه گهرجي ها ايمنسٽي اسڪيم ۾ سڀ ڪجهه لکيل آهي خواجه محمد آصف چيو ته وقت ايندو ته رسيدون به گهريون وينديون هڪ سوال تي شاهد خاقان عباسي چيو ته پهرين حڪومت آهي فنانس بل پيش ڪري اجلاس ملتوي ڪري گهر هلي ويئي. اسان سمجهون ٿا ته حڪومت بجيٽ تي بحث کان ڀڄي رهي آهي خواجه آصف تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ هن اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر ڇا ڪيو سڀني کي خبر اهي اڃا ته 6 مهينا گذريا آهن اسان نٿا چاهيون ته پارليامينٽ عوام آڏو مذاق بڻجي حڪومت پاران ججز جو انگ وڌائڻ جي حوالي سان پاس ڪيل بل جي حوالي سان اڳوڻي وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان حڪومتي بئنچن کان اجازت ڏني ويئي ته ٽيڪس چور هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجي سگهي ٿو. شاهد خاقان عباسي چيو ته نعيم الحق 3 ٽيوٽ ڪيا ۽ ڌمڪيون ڏنيون خواجه آصف چيو ته ٽوئٽ ڪندڙ جي پنهنجي ڪائي حيثيت نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *