مخالف نَهنَ چوٽي جو زور لڳائن، عوام جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته قوم کي پنهنجي اثاثن جي باري ۾ پهريان ئي اعتماد ۾ وٺي چڪا آهيون مخالف مثبت قدمن تي منفي رويي جو اظهار ڪري رهيا آهن هن چيو ته منصوبن جو رسمي افتتاح نه ڪندا آهيون پر انهن کي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي ڌم پٽيندا آهيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي سردار محمد عرفان ڊوگر، ايم اين اي عالم داد لاليڪا، ايم اين اي ميان نجيب الدين اويسي سان ڪيل ڌار ڌار ملاقاتن ۾ ڪيو ملاقات ۾ ٽنهي ايم اين ايز وزيراعظم سان گڏ پنهنجي تڪن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن، عوامي مسئلن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته ايم اين ايز وزيراعظم جي قيادت ۽ ترقياتي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ان موقعي تي وزيراعظم ميمبرز کي خاطري ڪرائي ته عوام جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي هن چيو ته قوم کي پنهنجي اثاثن جي باري پهريان کان ئي اعتماد ۾ وٺي چڪا آهيون هن چيو ته مين نه مانو جي رٽ هڻي اسان جي قدمن تي منفي رويي جو اظهار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته تمام سياسي پارٽين جي راءِ مطابق چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميشن بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان باوجود مخالف نعرن جي سياست ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *