محمد يوسف ورلڊ ڪپ لاءِ گرين شرٽس کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف ايندڙ سال انگلينڊ ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ لاءِ گرين شرٽس کي فيوريٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت ۽ ميزبان انگلش ٽيم به ٽرافي کٽڻ لاءِ اهم ٽيمون ثابت ٿي سگهن ٿيون. پنهنجي تازي بيان محمد يوسف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وٽ انگلينڊ ۾ ون ڊي ٽورنامينٽون کٽڻ جو تجربو کين ٽائيٽل لاءِ فيوريٽ بڻائيندو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته چيمپيئنز ٽرافي جا انگلينڊ ۾ ٿيل گذريل ٻئي ايونٽ ڀارت ۽ پاڪستان کٽيا، تنهن ڪري ٻنهي ٽيمن ۾ ورلڊ ڪپ کٽڻ جي صلاحيت نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته ميگا ايونٽ ۾ اسپنرن جو ڪردار اهم هوندو ۽ پاڪستان کانسواءِ ڀارت وٽ به ان حوالي سان بهترين آپشن موجود آهن پر جيڪڏهن انهن ٻنهي ٽيمن مان هڪ جي چونڊ ڪئي وڃي ته يقينن پاڪستان جو پاسو وزنائتو آهي، ڇو ته قومي ٽيم وٽ انگلش ڪنڊيشن لاءِ بهترين پيسر به موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *