محمد مرسي جي موت واري سزا جو فيصلو مصر جي جمهوريت ۽ جي عوام جي لاءِ صحيح نه آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي صدر محمد مرسي جي سزائي موت وارو فيصلو مصر جي جمهوريت ۽ مصري عوام جي مستقبل لاءِ صحيح   فيصلو ناهي. سماجي ٽوئيٽر تي عمران خان مصر جي اڳوڻي صدر مرسي جي سزائي موت واري سزا تي مذمت ڪندي چيو ته فيصلو مصر جي جمهوريت ۽ مصر جي عوام جي لاءِ صحيح نه آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته  پاڪستان  جي جمهوريت ۽ قوم اڄ تائين ڀٽو جي ڦاهي جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي ۽ صدر مرسي جي سزائي موت وارو فيصلو به مصري عوام لاءِ هڪ برُو شگن آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *