محمد عامر کي نيوزيلينڊ جي ويزا ملي وئي،5 سالن کانپوءِ قومي ٽيم سان گڏ ايڪشن ۾ نظر ايندو

لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ جي الزام ۾ پابندي ۽ قيد ڪاٽڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپس آيل نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر کي نيوزيلينڊ جي ويزا ملي وئي آهي ۽ هو 5 سالن کانپوءِ ايڪشن ۾ نظر ايندو، نيوزيلينڊ جي اميگريشن اختيارن ٻڌايو ته پاڪستان جي نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر کي ويزا جاري ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ هو پاڪستاني ٽيم سان گڏ نيوزيلينڊ جي دوري تي اچي سگهي ٿو، سندن چوڻ هو ته محمد عامر پنهنجي سزا ڪاٽي چڪو آهي ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ به سندس حمايت ڪئي آهي، تنهن ڪري انهن سڀني معاملن کي نظر ۾ رکندي کيس ويزا جاري ڪئي وئي آهي، واضح هجي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪٽرن 23 ورهين جي محمد عامر کي ويزا ملڻ جي شرط تي نيوزيلينڊ خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن واري سيريز لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو هو،پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو نيوزيلينڊ جو رٿيل دورو 15 جنوري کان شروع ٿيندو، محمد عامر تي 2010ع ۾ انگلينڊ خلاف لارڊز ٽيسٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ جو ڏوهه ثابت ٿيو، جنهن کانپوءِ مٿس ڪرڪيٽ کيڏڻ تي 5 سال پابندي مڙهي جيل اماڻيو ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *