
ممبئي(شوبز نيوز) ناليواري ڀارتي ڳائڻي محمد رفيع جي پٽ شاهد رفيع فلم اي دل هي مشڪل ۾ محمد رفيع جي بي عزتي وارا جملا شامل ڪرڻ تي فلم جي ڊائريڪٽر ڪرن جوهر کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ شاهد رفيع ڪرن جوهر تي سخت تنقيد ڪندي کيس نان پروفيشنل قرار ڏنو. هن چيو ته ڪرن جوهر پنهنجي فلم ۾ محمد رفيع بابت بي عزتي وارا جملا شامل ڪرڻ تي معافي وٺي ۽ اهي سين پنهنجي فلم مان ڪڍي ڇڏي. ايترو ئي نه محمد رفيع جي پٽ شاهد رفيع معافي نه وٺڻ تي ڪرن جوهر خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان به ڪيو آهي. ڀبارتي رسالي بالي ووڊ منترا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ناليواري ڳائڻي محمد رفيع جي پٽ شاهد رفيع جو چوڻ آهي ته ڪرن جوهر جي فلم اي دل هي مشڪل جو اسڪرپٽ پڙهيو آهي ۽ هڪ سين کي ڪرن جوهر پاڻ فلمايو آهي پر هُن محمد رفيع بابت خراب جملا نظر انداز ڪري ڇڏيا.