محمد حفيظ طرفان بنگلاديش خلاف ٽيسٽ ۾ پهرين ڊبل سينچري

کلنا(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر بيٽسمين محمد حفيظ بنگلاديش خلاف کلنا ٽيسٽ ۾ ڪيريئر جي پهرين ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي، اهڙيءَ طرح هو لڳاتار پنجن اننگز ۾ اوپنر جي حيثيت سان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو چوٿون بيٽسمين بڻجي ويو. ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن محمد حفيظ شاندار بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ بنگالي بالرن کي ڪٽڪو ڪڍيو. هن 3 ڇڪن ۽ 24 چؤڪن جي مدد سان 224 رنسون ٺاهيون اها سندس ڪيريئر جي بهترين اننگ ۽ پهرين ٽيسٽ ڊبل سينچري آهي. هن 5 اننگز ۾ 2 سينچريون ۽ هڪ ڊبل سينچري عيوضي 642 رنسون اسڪور ڪيون آهن. اهڙيءَ ريت هو اوپنر جي حيثيت سان لڳاتار 5 اننگز ۾ ايتريون رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو چوٿون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. جڏهن ته انگلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان گراهم گوچ 756 رنسن سان پهرئين، سريلنڪا جو جي سريا 678 رنسن سان ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪا جو گريم سمٿ 671 رنسن سان ٽئين نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *