گوادر (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته محفوظ عدالتي فيصلي تي قياس آرائي، تبصرو يا اڳڪٿي عدالتي احترام ۾ خلل آهي، گوادر ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي نواز شريف چيو ته اسان جو سڄو ڌيان تعمير ۽ ترقي جي منصوبن تي آهي، هن چيو ته گوادر، پسني سميت بلوچستان جي علائقن ۾ ترقيءَ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، گوادر جي ترقي لاءِ 25 ارب رپين جي ماسٽر پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو ته 52 ملڪن سي پيڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطو ڪيو، وزيراعظم نواز شريف روڊ جي تعمير جي معيار جي تعريف ڪئي، هن پسني کان گوادر تائين 150 ڪلوميٽر روڊ رستي سفر ڪيو.