محسن خان کي چيف سليڪٽر ۽ وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد کي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو

لاهور (اسپورٽس نيوز) فيصلي جو وقت اچي ويو،ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۽ ايشيا ڪپ ۾ ناڪامي جي ذميدارن خلاف آپريشن ڪلين اپ ڪرڻ جو اعلان اڄ ٿي رهيو آهي.ذريعن مطابق محسن خان کي چيف سليڪٽر ۽ وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد کي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان بڻائڻ جو حتمي فيصلو ٿي ويو،جڏهن ته قانون مطابق ٻين عهدن جي لاءِ به اڄ ميڊيا ذريعي اشتهار ڏنا ويندا.مستقبل ۾ عالمي مقابلن ۾ وڏين ناڪامين کان بچڻ لاءِ ۽ ملڪي ڪرڪيٽ جو ڍانچو صحيح ڪرڻ خاطر ڊگهي عرصي تائين منصوبي تي به روشني وڌي ويندي.جڏهن ته شاهد آفريدي عالمي ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي جي مڃيندي پاڻ مُرادو ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو جڏهن ته رانديگر جي حيثيت ۾ راند جاري رکڻ جو سنگل ڏنو آهي ۽ ڪرڪيٽ بورڊ به اهڙي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *