محسن خان چيف سليڪٽر جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ محسن خان چيف سليڪٽر جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سرفراز احمد جي قيادت به خطري ۾ پئجي وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ميمبرن قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر، ٽنهي فارميٽ جي ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ جي حوالي سان بحث ڪيو هو.ڪرڪيٽ ڪاميٽي 2 مختلف اجلاس ۾ ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ۽ ايم ڊي پي سي بي وسيم خان جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ مصباح الحق، وسيم اڪرم ۽ عروج ممتاز تجويزون پيش ڪيون هيون.ميڊيا رپورٽس موجب محسن خان چيف سليڪٽر جي عهدي لاءِ مضبوط ترين اميدوار آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪوچ مڪي آرٿر پاران سرفراز احمد کان قيادت واپس وٺڻ واري تجويز بعد سرفراز احمد جي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت خطري ۾ پئجي وئي آهي.ڪاميٽي ورلڊ ٽي 20 تائين سرفراز احمد کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو هو، جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽيسٽ ٽيمن جي قيادت جي حوالي سان اڃا تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *