محرم الحرام ۾ فوج گهرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته محرم الحرام جي موقعي تي فوج کي گهرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، امن امان جي قيام لاءِ سول حڪومت پوليس ۽ رينجرز موجود آهي ۽ محرم الحرام دوران سنڌ ۾ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽيءَ جا بهتر انتظام ڪيا ويا آهن اميد آهي ته ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊون ملتوي نه ٿي ڪرائڻ چاهي، چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو پيپلز پارٽيءَ تي صرف الزام آهي جنهن الزام کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته مڪاني چونڊون وقت تي ٿين. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم تڪبنديون ڪرڻ ضرور آهي پر حڪومت پاران اعلانيل ٽائون ۽ يونين ڪميٽيز کي رد ڪري يونٽ جو نالو تبديل ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن کي ڪو به اختيار ناهي. هن چيو ته حڪومت جي ان ڪم ۾ مداخلت ڪري اليڪشن ڪميشن ڪنفيوزن پيدا ڪئي جنهن ڪري عدالت ۾ وڃڻو پيو. هن چيو ته صوبائي هيڪ ٺاهي وئي آهي پر ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي جيڪو عمل صوبائي خودمختاريءَ جي خلاف آهي. هن چيو ته سنڌ پاران جوڙيل صوبائي هيڪ کي فنڊنگ وفاق پاران نه ٿي ڪئي وڃي ۽ اها فنڊنگ پڻ صوبائي حڪومت پاڻ ڪري رهي آهي. هن چيو ته نجي اسڪولن ۾ فيس جي معاملي تي والدين جو ساٿ ڏيندا سين ۽ جيڪو نجي اسڪول بنا اجازت تي واڌو فيس وصول ڪندو ان جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *