محترمه پنهنجي وصيت ۾ بلاول ۽ بختاور جي اليڪشن وڙهڻ بابت ڪجهه به ناهي لکيو: امين فهيم

نيو سعيدآباد (نمائندو) پ پ پارليامينٽيرين مخدوم امين فهيم چيو آهي ته شهيد بي بي جي وصيت جو ڪوبه ٻيو حصو موجود ناهي، مون بابت بلاول ڀٽو کي پرچائڻ لاءِ لنڊن وڃڻ واري خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي. نيو سعيد آباد ويجهو اڳوڻي ايم پي اي ڪامل خان جمالي جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي امين فهيم چيو ته پيپلزپارٽي ۾ ڪابه ڌڙا بندي ناهي. مخدوم امين فهيم چيو ته شهيد راڻي جي ڪابه ٻي وصيت موجود ناهي، محترمه پنهنجي وصيت ۾ بلاول ۽ بختاور جي اليڪشن وڙهڻ بابت ڪجهه به ناهي لکيو. مخدوم امين فهيم چيو ته هو بلاول ڀٽو کي پرچائڻ لاءِ لنڊن نه ويو هو، هن بابت ڪوڙيون افوائون پکيڙيون ويون آهن. مخدوم امين فهيم چيو ته قومي ايڪشن پلان تي سموريون سياسي پارٽيون متفق آهن، فوجي عدالتن جي ڪم ڪرڻ بعد ڪجهه راءِ ڏئي سگهجي ٿي. مخدوم امين فهيم وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو موجوده  حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ٻين پارٽين جيان پيپلزپارٽي به عام چونڊن جي تياري ڪري رهي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *