متحده پاڪستان کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت، آدمشماري سوڌو صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

ڪراچي (م.ڊ) خواهش آهي ته متحده وارا اسان سان ڀاڪر پائي وٺن، پيپلز پارٽي، متحده پاڪستان کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ متحده وفد وچ ۾ آدمشماري سوڌو صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق، بهادر آباد ۾ ملاقات دوران پ پ جي وفد ۾ سعيد غني، تاج حيدر ۽ مرتضيٰ وهاب شامل، متحده طرفان خواجه اظهار الحسن، فيصل سبزواري، جاويد حنيف ۽ ٻيا شامل، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي تاج حيدر چيو ته ڪراچي ۾ ٽئين ڌُر کي مڙهيو ويو آهي، ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي هڪ ڪروڙ چاليهه لک آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، ٻيٽن جي مامري تي پ پ ۽ متحده جو موقف ساڳيو آهي، پي ايم سي جي تڪراري نتيجن سوڌو ٻين مسئلن تي ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو، متحده اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته پ پ سان ملاقات دوران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون، اُميد ته عدالت سوڌو ٻين فورمز تي آدمشماري جي نتيجن خلاف ويڙهه ۾ پيپلز پارٽي اسان جو ساٿ ڏيندي….

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *