متحده قيادت سنڌ ۾ رهندڙن اردو ۽ سنڌين کي ويڙهائڻ چاهي ٿي: جسقم

ملير (ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته متحده سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري نه رڳو سنڌ جو روح رنجايو آهي پر مجموعي سنڌي قوم کي تڪليف ۽ ڪاوڙ پهتي آهي، اقتدار جي خواهش ۽ اقتدار ۾ پاور جي هوس ايم ڪيو ايم قيادتکي انڌو ڪري ڇڏيو آهي، افسوس جو ايترو عرصو سنڌ ۾ رهڻ کانپوءِ به هو سنڌين جي مزاج ۽ روح کي سمجهي نه سگهيا آهن. متحده جي قيادت سنڌ ۾ رهندڙن اردو ۽ سنڌين کي ويڙهائڻ چاهي ٿي. پ پ ۽ متحده ملي ڀڳت ڪري ڊرامو رچايو آهي، جيڪو اقتدار جي حاصلات جي ڪڙي آهي. جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته اسين ايم ڪيو ايم کي خبردار ڪيون ٿا اقتدار جي مقصد لاءِ سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه نه ڪئي وڃي ان کي اسين برداشت نه ڪري سگهنداسين. هنن چيو ته اسين عام اردو ڳالهائيندڙ کي ذميوار نه ٿا سمجهون متحده قيادت سنڌ ۾ نفرتون پکيڙڻ جي ذميوار آهي. سنڌ جي ورهاست جي سازش ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڀاڱيڀائيوار آهن. هن چيو ته جيستائين هڪ به سنڌي زنده آهي سنڌ جي هڪ هڪ  انچ ڪنهن کي نه ڏينداسين. سنڌ ڌرتي لاءِ سنڌ جو ٻچو ٻچو سرن سان ڪفن ٻڌي ٻاهر نڪري ايندو. سنڌ اسان جي ماءُ آهي. سنڌ جو ڪو به حلالي پٽ سنڌ ڌرتي جو ورهاڱو برداشت نه ڪندو. هن چيو ته شهيد بابا بشير قريشي سنڌ لاءِ جان جي قرباني ڏني، جيستائين ساهه ۾ ساهه آهي سنڌ طرف ميري اک سان ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته سڀاڻي حيدرآباد ۾ جسقم جي مرڪزي بادي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آئينده جي لائحه عمل سميت اهم فيصلا ڪيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ صنعان قريشي چيو ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي ۾ ايم ڪيو ايم جي وزارت صحت کاتي کي ته ڪم نه ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو پر پنهنجي وزير اعليٰ ۽ سنڌ جي سمورن کاتن جي ناقص ڪارڪردگي تي وزير اعليٰ سميت ڪنهن به وزير کان پڇاڻو نه ڪيو. جڏهن ته سڄي سنڌ جي اڳيان واضح آهي ته سنڌ جي ڪنهن به يونين ڪائونسل ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو سڀ فنڊ وزير ۽ ڪامورا هڙپ ڪري وڃن ٿا پر سڄي سنڌ جي بجيٽ صرف ڪراچي جي مخصوص علائقن تي خرچ ڪئي وڃي ٿي. زندگي جي هر سهولت ڪراچي ۾ ته موجود آهي پر سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ آءِ سي يو  جي پڻ سهولت نه آهي. اهڙي صورتحال تي پ پ قيادت خاموش آهي، جنهن مان سنڌي قوم سمجهي سگهي ٿي ته جلسي ۾ ڪيل ڳالهيون ڳٺ جوڙ آهن. پريس ڪانفرنس ۾ جسقم جا مرڪزي اڳواڻ ڪيهر انصاري، ساگر حنيف بڙدي پڻ موجود هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *