متحده طرفان پارٽي سربراهه جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي خلاف اڄ کان چئن ڏينهن جي علامتي بک هڙتال جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده طرفان پارٽي سربراهه جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي خلاف اڄ کان چئن ڏينهن جي علامتي بک هڙتال ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي متحده اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اظهار جي آزادي تي پابندي جمهوريت پسندي ناهي. هن چيو ته جمهوريت جي نالي تي آمريت قائم ڪئي پئي وڃي، حڪمران عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ بند ڪن. سندس چوڻ هو ته گڏيل مخالف ڌر نوابزاده نصر الله جي دور ۾ هوندي هئي، هاڻ رڳو ڊيل کان ڪم ورتو پيو وڃي. متحده اڳواڻ چيو ته خورشيد شاهه قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائي ميار لاهي ٿو. فاروق ستار چيو ته بک هڙتال پريس ڪلب ٻاهران ڪئي ويندي، جيڪا صبح جو 11 کان رات جو 11 وڳي تائين جاري رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته علامتي بک هڙتال ۾ متحده جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سميت سينيٽر شامل هوندا. هن چيو ته هو ڌرڻا به هڻندا، جڏهن سندن ڌرڻا لڳندا ته پوءِ صدر ۽ وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *