متحده خلاف بنا ثبوتن جي ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي، اڳواڻ پوزيشن واضح ڪن: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ايم ڪيو ايم خلاف جيستائين ثبوت نٿا ملن تيستائين ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي، بهتر ائين ٿيندو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ پنهنجي پوزيشن واضح ڪن. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته متحده خلاف جيستائين ثبوت نٿا ملن تيستائين ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي، ايم ڪيو ايم بابت بي بي سي جي رپورٽ جي حوالي سان برطانيا کي تعاون جي اپيل ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ وفاق پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت کي به سخت قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته ضرب عضب دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ثابت ٿيو، ڪراچي ۾ ماڻهن جي مرڻ تي افسوس آهي، جڏهن ته فوتگيون لوڊشيڊنگ سبب نه پر گرمي سبب ٿيون آهن، هن چيو ته گرمي خلاف قدم کڻڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري هئي پر سنڌ حڪومت ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي نه ئي ڪراچي اسپتال ۾ اهڙي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به انتظاميا ڪيا ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *