ماڻھو جنت ۾ وڃڻ چاھن ٿا پر سٺا اعمال ناھن آڻڻا: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رڳو بٽڻ دٻائي نئون پاڪستان نٿو بڻجي سگهي هي جدوجهد جو نالو آهي سسٽم تبديل ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو ڪرونا دوران آئي ايم ايف کي فون ڪري ڪنسٽريڪشن سيڪٽر لاءِ رعايت ورتي. پاڪستان پراپرٽي، هائوسنگ ۽ ڪنسٽريڪشن ايڪسپو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي موقعو ئي نه مليو ته اهي پنهنجو گهر ٺاهي سگهن هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عام ماڻهو وٽ پنهنجو گهر هوندو هائوسنگ سيڪٽر جي هر ممڪن مدد ڪنداسين وزيرعظم چيو ته پاڪستان ۾ پگهاردار طبقي جو ڪنهن نه سوچيو هو. اهو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جتي ننڍڙو طبقو امير ۽ وڏو طبقو غريب هجي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ ترجيح آهي حڪومت جي ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ شيون پاڪستان ۾ ٺهن وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ عام ماڻهن کي گهر جي ضرورت آهي گهر ڏيڻ لاءِ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي. قرض بئنڪ ڏيندي اڏاوتي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار جا موقعا هوندا آهن هن چيو ته پاڪستان ۾ مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي چيف سڀ کان پهريان ڪمزور طبقي جي مدد ڪئي ايف بي آر ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *