ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان پريس ڪانفرنس دوارن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ماڻهو مري رهيا آهن ۽ شاهي خاندان دبئي پهچي ويو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي ٻڌي آهي. ايتري وڏي الزام کانپوءِ به پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. عمران خان جناح اسپتال جي دوري کانپوءِ عمران اسماعيل جي گهر پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ڪراچي جيڪو ملڪ جو معاشي مرڪز مڃيو ويندو آهي اتي پاڻي جو نه هجڻ هڪ وڏو الميو آهي، ٻار مري رهيا آهن ڪراچي ۾ پاڻي ناهي. ان سموري صوتحال تي سنڌ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي انهن جو گورننس نظام ڪٿي آهي هر پاسي ڪرپشن آهي ، ادارا ڪم نٿا ڪن. عمران خان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته لانچن ذريعي پئسو ٻاهر وڃي رهيو آهي. هڪ ميٽرو رٿا تي ڪيترا ڪروڙ خرچ ڪيا ويا، جيڪڏهن عوام کي پنهنجي زندگي بهتر ڪرڻي آهي ته انهن کي ووٽ نه ڏين جن جا اثاثا پرڏيهه ۾ آهن. پي ٽي آئي جي سربراهه چيو ته ايتري وڏي الزام تي به پيپلز پارٽِ ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي . جيڪو ڏوهه ڪندو آهي ان جو پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، نوازشريف ۽ زرادري جي جڏهن ڳالهه آئي آهي ته جمهوريت خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. ڪراچي دوري تي عمران خان جناح اسپتال ۾ مريضن جي عيادت به ڪئي.