ماڻهو فلم ”سلطان“ جي ٽڪيٽن لاءِ پاڻ ۾ وڙهندا: انيل ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور چيو آهي ته سلمان خان جي نئين فلم ”سلطان“ جي ٽڪيٽن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مداح پاڻ ۾ وڙهي پوندا. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطباق 59 سالن جي اداڪار انيل ڪپور فلم ”سلطان“ جي پهرئين جهلڪ ڏسڻ کان پوءِ تمام گهڻو ساراهيو آهي هن پنهنجي ٽوئٽر پيج تي ان کي جاري ڪندي چيو ته فلم کي ڏسڻ لاءِ مداح ٽڪيٽن تي پاڻ ۾ وڙهندا. واضح رهي ته فلم جا مرڪزي ڪردار سلمان خان ۽ انوشڪا شرما ادا ڪندا، جڏهن ته اها فلم عيدالفطر تي رليز ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *