ماڻهو شهرن کي بند ڪرڻ بابت عمران خان جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيندا: خواجه سعد رفيق

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ريلوي وزير سعد رفيق چيو آهي ته عوام شهرن کي بند ڪرڻ بابت عمران خان جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيندي ڪاروباري سرگرميون جاري رهنديون هڪ انٽرويو ۾ ريلوي واري وزير چيو ته تحريڪ انصاف سان ڌمڪين جي خوف ۾ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومتکي تلوار جي نوق تي رکي ڳالهين لاءِ ڌٻاءُ وڌو پيو وڃي سعد رفيق چيو ته ماڻهو شهرن کي بند ڪرڻ بابت عمران خان جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيندا ۽ ڪاروباري سرگرميون جاري رکندا. هن چيو ته عمران خان ملڪ دشمن قوتن جي هٿ ۾ کيڏي رهيو آهي ۽ اهي ملڪي سلامتي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا سعد رفيق چيو ته عمران خان پنهنجا الزام کڻي سپريم ڪورٽ وڃي جنهن سان اسان ڊيل ڪري رهيا آهيون اهي پڙهيل لکيل ۽ شريف ماڻهو نه آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي ٿورڙو زمين تي اچڻ ڏيو پوءِ ڳالهه ڪنداسين. اسان جيترو ان جي پويان وڃون ٿا اهي اوترو ئي پهاڙن تي چڙهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *