ماڻهون عاليائن ۾ ڪنفيوز نه ٿين ان لاءِ پنهنجو نالو تبديل ڪيو: ڪيارا اڊواني

 

ممبئي( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي نئين اڀرندڙ اداڪارا ڪيارا اڊواني انڪشاف ڪندي چيو آهي ته آئون پنهنجو نالو ”ڪيارا“ فلم انجانا انجاني ۾ پريانڪا چوپڙا جي نالي ”ڪيارا“ مان متاثر ٿي رکيو آهي.بالي ووڊ جي نئين رليز ٿيل فلم ”ڪبير سنگهه“ ۾ شاهد ڪپور سان مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا ڪيارا اڊواني هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته منهنجو پيدائشي نالو ”عاليا اڊواني“ آهي پر آئون بالي ووڊ ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجو فلمي نالو ”ڪيارا اڊواني“ رکي ڇڏيو.هن چيو ته آئون 2014ع ۾ فلم ”فگلي“  ذريعي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ تڏهن کان ئي پنهنجو نالو به ”عاليا اڊواني مان ڪيارا اڊواني“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. پنهنجو فلمي نالو رکڻ جو سبب ٻڌائيندي هن چيو ته بالي ووڊ انڊسٽري ۾ ”عاليا“ (ڀٽ) نالي هڪ اداڪارا اڳ ئي موجود آهي جيڪا هڪ سپر اسٽار آهي.فلمي شوقين اسان ٻنهي عاليائن ۾ ڪنفيوز نه ٿي وڃن ان ڪري آئون پنهنجو نالو تبديل ڪري ڇڏيو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آئون پريانڪا چوپڙا جي فلم انجانا انجاني ڏٺي ۽ ان ۾ جهڙي طرح پريانڪا پنهنجو تعارف ڪرايو هو ته ”هاءِ آئون ڪيارا آهيان“ تڏهن آئون سوچيو ته اهو ڪيترو نه سهڻو نالو آهي، جيڪڏهن مون کي نياڻي ڄائي ته آئون ان جو نالو به اهو ئي رکنديس. پر مونکي هڪ نالي جي ضرورت آهي جيڪا آئون پنهنجو رکان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *