ماڪڙ مان جان ڇڏائڻ کان لاچاري ظاهر، ڪمند جا اگهه پنجاب کان وڌيڪ مقرر ڪيڻ جي هام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) زراعت کاتي جي وزير اسماعيل راهو ماڪڙ هٿان فصل ناس ٿيڻ جو اعتراف ڪندي ماڪڙ مان جان ڇڏائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي. اسماعيل راهو چيو آهي ته سروي کانپوءِ نقصان جي معاوضي جي سفارش ڪئي ويندي، وفاقي سرڪار هڪڙو جهاز ڏنو، اُن جو به رڳو تيل ختم ٿي وڃي ٿو.اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪمند جا اگهه اڃا تائين مقرر نه ٿيڻ ۽ صوبي ۾ ماڪڙ مار اسپري مهم شروع نه ٿيڻ بابت سوال پُڇيا ويا، جِن جا جواب ڏيندي زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو دعويٰ ڪئي ته سنڌ سرڪار پنجاب جي ڀيٽ ۾ ڪمند جا وڌيڪ اگهه مقرر ڪندي، ڪمند جا اگهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مقرر ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته گذريل سال ڪمند جو في مڻ اگهه 182 رُپيا مقرر ڪيو ويو هو. عارف مصطفيٰ جو چوڻ هو ته ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ عوامي حڪومت آهي، تنهن ڪري ڪمند جو في مڻ اگهه اڍائي سئو رُپيا مقرر ڪيو وڃي. جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي جي سوال تي جواب ڏيندي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته ماڪڙ مار اسپري جي حوالي سان وفاقي سرڪار کي ڪيترائي ڀيرا خط لکيا،جڏهن ته فيڊرل پلانٽ پروٽيڪشن وارن کان به 2 ايئر ڪرافت گهريا. هن چيو ته سنڌ ۾ ماڪڙ مار اسپري لاءِ رڳو هڪڙو ايئر ڪرافٽ موڪليو ويو، اُن جو به تيل ختم ٿي وڃي ٿو، ڪڏهن وري دوائون ختم ٿي وڃن ٿيون، جِن دوائن سان اسپري ٿي رهيو آهي، اهي ماڪڙ کي مارڻ نه پر ڀڄائڻ واريون آهن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو دعوي ڪئي ته وفاقي سرڪار طرفان جهازن جي ڀاڙي لاءِ هڪ ڪروڙ رُپيا گهريا ويا، اُهي به ڏئي ڇڏيا، وري چيو ويو ته دوائن لاءِ پئسا نه آهن، ڊسمبر جي آخر ۾ گرانٽ جاري ٿيندي، سنڌ حڪومت پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪري چڪي آهي. زراعت کاتي جي صوبائي وزير سنڌ اسيمبلي ۾ اعتراف ڪيو ته نومبر مهيني ۾ ماڪڙ فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جڏهن ته آڪٽوبر ۽ اُن کان اڳ گهڻو نقصان نه ٿيو هو. هُن چيو ته ماڪڙ سبب فصلن کي ٿيل نقصان جي سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اُن کانپوءِ متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *