ماڌوري هاڻي مراٺي فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي

ممبئي (شوبز نيوز) باليوڊ جي اداڪارا ماڌوري ڊڪشت هاڻي ميراٺي فلم ۾ ڪم ڪندي، باليوڊ فلم رام لکن سان شهرت مانيندڙ اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ کي ڀارتي انڊسٽري کي ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ڏنيون، جڏهن ته شادي کانپوءِ هن فلمي دنيا کي الوداع ڪري ڇڏيو هو، پر ڪجھه عرصي  کانپوءِ ان جي ڊانسنگ پروگرام ۾ جج جي طور تي واپسي ٿي، جڏهن ته 2014 ۾ هن فلم گلاب گينگ  ۽ ڊيڙه عشقيا ۾ اداڪاري جا جوهر  ڏيکاريا پر ٻئي فلمون ناڪام  ثابت ٿيون، هاڻي ان ميراٺي فلم م قدم رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ هوءَ هڪ اهڙِي  عورت جو ڪردار ڪندي جيڪا زندگي ۾  پاڻ کي سڃاڻ جي سفر تي هلي ٿي ۽ ان دوران ڪيترين ڏکيائن سان به منهن ڏينون پوي ٿو، فلم جو نالو اڃان تائين فائنل نه ٿيو آهي هلندڙ سال جي آخر ۾ فلم جي شوٽنگ جي شروعات ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *