ماڌوري جي ناچ، اداڪاري ۽ سونهن سندس عاشق بڻائي ڇڏيو آهي:مندانا ڪريمي

ممبئي(شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر مندانا ڪريمي چيو آهي ته هوءَ ماڌري ڊڪشت جي ناچ واري مهارت، اداڪاري ۽ سونهن کان تمام گهڻي متاثر آهي، فلم ”بي پازيٽو“ لاءِ آئٽم نمبر جي شوٽنگ دوران ڳالهائيندي مندانا چيو ته ماڌوري ڊڪشت منهنجو آئيڊيل آهي،مان عشق جي حد تائين کانئس متاثر آهيان، بگ باس 9 ۾ حصو وٺندڙ مندانا ڪريمي پهريون ڀيرو آئٽم نمبر ڪري رهي آهي، ان لاءِ سندس چوڻ آهي ته هي پهريون ڀيرو آهي جو مان ڪنهن فلم لاءِ گانو ڪري رهي آهيان،مونکي پاڻ به ان گاني جي شوٽنگ دوران پنهنجي ڊانس ڏسي حيرت ٿي، ڇو ته مان اهو ئي سمجهندي هيس ته مان سٺي ناچڻي ناهيان پر ڪوريوگرافرجي محنت مونکي ڊانس ڪرڻ جا گر سيکاريا، مندانا ان کان پهرين فلم رائي، مين اور چارلس،ڀاگ جوني ۽ ڪيا ڪول هين هم 3 ۾ مختصر ڪردار ڪري چڪي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ مندانا چيو ته هن وقت فلمن ۾ ڪابه اداڪارا اڪيلي سر ڪم نه ٿي ڪري، جنهن جو مثال اڙتا پنجاب آهي، جنهن ۾ ڪرينا سان گڏ عاليا ڀٽ به ڪم ڪري پئي، تنهن ڪري ڪير به اهو نه ٿو چئي سگهي ته مان فلم ۾ اڪيلي هيروئن هجان، مندانا چيو ته مان اهڙين فلمن ۾ ڪم ڪندي رهنديس، جن جي ڪهاڻي ۽ پلاٽ مونکي وڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *