ماڊل ٽائون واقعو: الزام ثابت نه ٿيا، جي ٽي آءِ وزير اعظم ۽ وزيراعليٰ پنجاب کي بي ڏوهي قرار ڏيئي ڇڏيو، پوليس ذميوار قرار

لاهور(بيورو) ماڊل ٽائون واقعي جي جاچ لاءِجوڙيل گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي جاچ مڪمل ڪندي، رپورٽ حڪومت کي موڪلي ڇڏي جنهن ۾ وزيراعظم ، وزيراعليٰ پنجاب ۽ اڳوڻي قانون واري وزير تي الزام ثابت نه ٿي سگهيا آهن. جاچ ٽيم جاچ مڪمل ڪري وزيراعظم ، وزيراعليٰ پنجاب ۽ اڳوڻي قانون واري وزير کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي ۽  رپورٽ ۾ ايس پي سيڪيورٽيسلمان خان ۽ 10 پوليس اهلڪارن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  صوبائي حڪومت پاران منهاج القرآن جي ٻاهران ٽي ايم اي ۽ پوليس حددخليون هٽائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ناهي ڏنو ويو. رپورٽ مطابق 15 جون2014ع تي عوامي تحريڪ جي 2 کان3 هزار ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪريون ٿيون جڏهن ته ٻنهي پارٽين هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *