ماڊل ٽائون سانحي ۾ انصاف نه مليو ته رائيونڊ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏينداسين: طاهرالقادري

لاهور(م.ڊ) پاڪستاني عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري جو چوڻ آهي ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ 14 ڄڻن جي قتل ۾ حڪمران ملوث آهن ۽ جيڪڏهن انصاف نه مليو ته رائيونڊ پري ناهي،ان ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏينداسين.لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ قتل ٿيندڙ 14 ڄڻن جو ڪيس

حڪمرانن تي هلايو وڃي ۽ ان ڪيس کي فوجي عدالت ۾ هلڻ گهرجي،اسان ڪنهن کان به ڪجهه نٿا گهرون،رڳو ماڊل ٽائون جي معصوم 14 شهرين جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي پنهنجي پڄاڻي تي پهچايو وڃي.سندس چوڻ هو ته ڪيس ۾ اسان جي مظلومن ۽ شاهدن تي فرد جرم لاڳو ڪرايا ويا، واقعي ۾ 14 لاش ڪيرائيندڙ دهشتگرد حڪمران آهن،جيڪي اسلام آباد ۾ ويٺا آهن،ان ڪري انهن جي خلاف ڪيس هلايو وڃي ۽ حڪمرانن جي رويي مان لڳي ٿو ته هو اسلام آباد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرڻو چاهين ٿا.سندس چوڻ هو ته پوري ملڪ ۾ دهشتگردي جو مرڪز پنجاب آهي ۽ دهشتگردن جو جنم به اتان ئي ٿئي ٿو ۽ اتي ئي انهن کي پناهون به ملن ٿيون،جيڪڏهن دهشتگردي کي ختم ڪرڻو آهي ته ظالم حڪمرانن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *