ماڊل ٽائون سانحي جي سازش وزيراعظم هائوس ۾ ٿي: ڊاڪٽر طاهر القادري

لاهور (بيورو) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري لاهور ۾ ڪراچي جهڙو آپريشن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو حڪومت پوليس جي جي آءِ ٽي کي رد ڪن ٿا، ماڊل ٽائون سانحي جي سازش وزير اعظم هائوس ۾ ٿي ۽ ٻنهي ڀائرن ماڻهو مارڻ جا حڪم جاري ڪيا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طاهر القادري چيو ته ڪراچي جيان لاهور ۾ به رينجرز ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري. هن چيو ته 17 جون تي لاهور ۾ لاش ڪيرايا ويا ۽ ميڊيا 12 ڪلاڪن تائين جان جوکي ۾وجهي ڪوريج ڪئي. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه جو چوڻ هو ته هو قاتلن جي جي آءِ ٽي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿا ڪن، سندن ميڊيا ۽ عوام ئي جي آءِ ٽي آهي. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي رٿا بندي وزير اعظم هائوس ۾ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڀائرن پوليس کي گولي هلائڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. طاهر القادري جو چوڻ هو ته ماڊل ٽائون سانحي تي جي آءِ ٽي جي ضرورت نه هئي، قاتلن جي جي آءِ تي ڪهڙو انصاف فراهم ڪندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *