ماڊل ٽائون سانحي تي ٺاهيل جي آءِ ٽي کي انصاف جو قتل سمجهان ٿو: طاهر القادري

لاهور (م.ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته انقلاب جي مشن تان ناهيون هٽيا، حڪمت عملي تبديل ڪئي، وڌيڪ ڌرڻو جاري رکڻ بي معنيٰ هو، شهر شهر وڃي عوام کي جاڳائينداسين ڪينيڊا مان واپسي تي ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته آئون ماڊل ٽائون سانحي تي ٺاهيل جي آءِ ٽي کي انصاف جو قتل سمجهان ٿو، جن شين تي ڳالهين ۾ اتفاق ڪيو يوو ان جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي پوري جي آءِ ٽي متاثر ڌر کي 100 سيڪڙو رد ڪريبڻائي وئي، لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي طاهر القادري جو چوڻ هو ته اسان شرط رکيو هو ته جي آءِ ٽي ۾ هڪ آفيسر ڪي پي ڪي مان، هڪ آءِ بي ۽ هڪ ايم آءِ جو آفيسر شامل هوندو پنجاب پوليس جو آفيسر نه هوندو جيڪڏهن قاتل پاڻ جاچ ڪري تي انصاف ناهي ملندو، طاهر القادري جو چوڻ هو ته جسٽس نجفي جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن پنجاب حڪومت کي قتل عام جو ذميوار قرار ڏنو جيڪڏهن رپورٽ وزيراعظم، وڏي وزير جي حق ۾ آئي ته ڇا ان تي نظرثاني ڪميٽي بڻائي وڃي ها؟ رپورٽ دٻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت ان ۾ملوث آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *