ماڊل ٽائون سانحو، عوامي تحرڪي جي جنرل سيڪريٽري سميت 50 ڄڻا واقعي جا ذميوار قرار

لاهور(م.ڊ) ماڊل ٽائون سانحي جي پهرين ايف آءِ آر جي جاچ مڪمل ڪندر چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ خرم گنڊاپور سميت 50 ماڻهن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ماڊل ٽائون سانحي جي پهرين ايف آءِ آر تي جاچ مڪمل ڪندي پراسيڪيوشن کاتي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 8 صفحن تي مشتمل چالان پيش ڪيو جنهن ۾ واقعي جو ذميوار پاڪستان عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري خرم نواز گنڊاپور سميت 50 ڄڻن کي قرار ڏنو ويو آهي چالان ۾ چيو ويو آهي ته خرم نواز گنڊاپور سميت 7 اهڙا ماڻهو آهن جيڪي جاچ ٽيم سامهون پيش نه ٿيا، ياد رهي ته ماڊل ٽائون لاهور ۾ 17 جون تي عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاهه ٻاهران بيريئر هٽائڻ جي معاملي تي پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *