ماڊل ٽائون جي رتوڇاڻ ۾ القاعده يا طالبان نه پر رياستي مشينري ملوث هئي: ڊاڪٽر طاهرالقادري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان عوامي تحريڪ جي قائد ڊاڪٽر طاهرالقادري هيوسٽن ۾ منعقد ڪنويشن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو ته ماڊل ٽائون جي رتوڇاڻ ۾ القاعده يا طالبان نه پر رياستي مشينري ملوث هئي ملڪ کپائي حڪومت هلائڻ ڪهڙو معاشي ويزن آهن پرائيويٽائيزيشن ڪميشن (ن) ليگ جي ورڪرن تي ٻڌل آهي دنيا جي ڪنهن ٻئي جمهوري ملڪ ۾ ان جو تصور به ناممڪن آهي (ن) ليگ اقتدار ۾ اچي پهريون ڪم قومي ادارن تي وڪرو لاءِ اشتهار لڳائڻ جو ڪم ڪري ٿي نوازشريف پنهنجي پهرين ٻن دورن ۾ 62 جي لڳ ڀڳ قومي ادارن کي وڪرو ڪيو هاڻي 38 جي لڳ ڀڳ قومي اثاثا کپائڻ جي رٿابندي ۾ مصروف آهي وزيراعظم عدالتي فيصلن کي پنهنجي هڪ آفيس آرڊر جي ذريعي هوا ۾ اڏائي رهيو آهي جتي ڪرپشن ۽ خانداني ڦرلٽ هجي اتي ڪوئي سيڙپڪاري ڪرڻ ڇو ايندو منهنجي اچڻ جي خبرن حڪمرانن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن ڪنوينشن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو ته حڪومتي ظلمن سبب عوام تنگ ٿي چڪو آهي پاڪستان کي غريب ۽ مڊل ڪلاس جو پاڪستان بنائڻ جي سياسي جنگ وڙهي رهيا آهيون 70 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ عوام کي سندن آئيني حقن متعلق ڄاڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جي جرئت ملي. پاڪستان جي هر شهر ۾ جلسا ۽ ڌرڻا هڻڻ جو شيڊول جوڙي ڇڏيو آهي گراس روٽ تي تنظيم سازي جو ڪم شروع آهي ظلم جو نظام ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سياسي تشخص کي بحال ڪيو هن نيويارڪ کان پوءِ هيوسٽن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي پاران ڀرپور شرڪت تي شڪريو ادا ڪيو هن چيو ته پرائيويٽائيزيشن جي آڙ ۾ ملڪ وڪرو ڪيو پيو وڃي. پارليمينٽ ڊفالٽرن سان ڀريل آهي ٻي صورت ۾ قومي ادارن کي پارليامينٽ کان ٻاهر ويهي وڪرو ڪرڻ جي منصوبابندي جي به ڪوئي جرئت نٿو ڪري سگهي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به پرائيويٽائيزيشن ٿيندي آهي پر ان ۾ سياست يا خانداني دوستن جي شموليت جو ڪوئي تصور به نٿو ڪري سگهي. ڊاڪٽر طاهرالقادري 9 نومبر اقبال ڊي جي حوالي سان پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته نوجوان علامه اقبال جي منظوم تخليق جو اهم موضوع هئا اقبال جا شاهين پاڪستان جي ترقي لاءِ اعليٰ تعليم ۽ جديد ٽيڪنالوجي حاصل ڪرڻ طرف توجهه ڏين پاڪستان عوامي تحريڪ اقتدار ۾ اچي هر سطح جي تعليمي نصاب ۾ اقباليات کي شامل ڪندي ۽ پاڪستان کي امن ۽ حقيقي جمهوريت جو تحفو ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *