ماڊل ثنا سرفراز مڱڻي ڪري ڇڏي

ڪراچي (شوبز نيوز)  پاڪستان جي ناليواري ماڊل ثنا سرفراز مڱڻي ڪري ورتي جنهن جو اعلان هن سوشل ميڊيا تي دلچسپ تصويرون شيئر ڪندي ڪيو.ثنا سرفراز جلد ڪنوار بڻجي رهي آهي ۽ هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن کي ٻڌايو ته هوءَ ان شادي جي آڇ کان انڪار ڪيئن ٿي ڪري سگھي ها.ثنا قريشي امين قريشي سان مڱڻي ڪئي آهي، جنهن جو واسطو هوا بازي جي شعبي سان آهي ۽ هو دبئي ۾ رهندو آهي. ان مڱڻيءَ جون تياريون ثنا جي ڀيڻ سارا ڪيون، جنهن جو ٿورو ماڊل هڪ ويڊيو شيئر ڪندي مڃيو. ثنا پوسٽ ۾ واضح ناهي ڪيو ته هوءَ شادي ڪڏهن ڪندي پر ان ڳالهه جو اشارو ضرور ڏنو آهي ته هوءِ جلد شادي ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *