ماڊل ايان علي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

راولپنڊي(اي پي پي) ڪسٽمز جي خاص عدالت جي جج آفتاب احمد خان ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. فاضل جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت ۾ ڪو به وي آءِ پي نه هوندو آهي، سڀ برابر هوندا آهن. هن چيو ته هاڻي فقط ڪارروائي ٿيندي وڌيڪ وقت نه ملندو. خميس ڏينهن ڪسٽمز جي خاص عدالت جي جج آفتاب احمد خان ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي باضابطه ٻڌڻي ڪئي. ايان علي پرائيويٽ سيڪيورٽي جي گهيري هيٺ عدالت آئي. ايان علي پنهنجي سينيئر وڪيل سردار لطيف کوسه جي غيرحاضري جو بهانو بڻائي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي. خاص عدالت جي جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جوابدار پاڻ عدالت ۾ موجود آهي ۽ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ سينيئر وڪيل جو هجڻ لازمي ناهي. عدالت جوابدار ايان علي کي آخري موقعو ڏيندي ڪيس جي شنوائي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *