ماڊل اريبيه قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو

لاهور (بيورو) ماڊل اريبيه قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي جنهن کان پوءِ پوليس جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي پوليس مقتوله جي مبينه قاتل طوبا سميت ٻين دوستن جي موبائيل فون ڪالز جي رڪارڊ جو ڊيٽا حاصل ڪري ورتو طوبا جي گهر مان ڪيميائي مواد به هٿ ڪيو ويو جڏهن ته طوبا جي هڪ بئنڪر دوست فاروق کي به گرفتار ڪيو ويو مقتوله جي گهر مان اهم تصويرون ۽ ثبوت گڏ ڪيا ويا جسماني عضوا فرانزڪ ليب کي اماڻيا ويا ميڊيا رپورٽ مطابق لاهرو ۾ قتل ٿيل مقتوله اربيه بابت وڌيڪ حقيقتون آڏو اچي ويون آهن اريبه جو اصل نالو ابيرا هو ۽ هو گهرڀاتين سان ناراض ٿيڻ کان پوءِ ماڊلنگ جي شعبي ۾ قدم رکيو ٻه سال اڳ گهرڀاتين سان ناراضگي تي سندس خرچ بند ٿيو ته اريبه کي مسئلي جو حل ماڊلنگ ۾ نظر آيو انهيءَ دوران اريبه جي موعيز نالي ڇوڪري سان ملاقات ٿي جنهن ماڊلنگ ڇڏڻ جي شرط تي شادي جو واعدو ڪيو جڏهن ته اريبه جي زندگي ۾ مٺ ۾ واري وانگر سموريون خوشيون هٿن ۾ کسڪي ويون معيز شادي کان انڪار ڪيو ته هو ٻيهر ماڊلنگ ۾ قسمت آزمائڻ لڳي پوليس جاچ ۾ اها ڳالهه به آڏو آئي آهي ته پراسرار طور تي غائب ٿيل حيدر نالي جوابدار سان اريبه جي ڪوئي مٽي مائٽي نه آهي پوليس مطابق اريبه جي قتل جي ماردات ماڊل ٽآئون ۾ ٿي هئي ماڊل ٽائون ۾ قتل جي مبينه ملزمه طوبا جي گهر مان ڪيميائي مواد جون ٻه بوتلون مليون آهن مواد کي ٽيسٽ جي فرانزڪ سائنس ليبارٽري اماڻيو ويو آهي اريبه قتل ڪيس ۾ حراست هيٺ ملزم طوبا جي ملازمه جي انڪشاف تي طوبا جي هڪ بئنڪر دوست بئنڪ جي اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ فاروق کي به قتل جي هن ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس کيس جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي جاچ ۾ پوليس اريبه جي گهر مان اهم تصويرون ۽ ثبوت به گڏ ڪري ورتا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *