ماورا حسين بي پهچ ماڻهن جي مدد لاءِ وڪالت سکڻ لڳي

 

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ماورا حسين چيو آهي ته اداڪاري سان وڪالت جي پريڪٽس به ڪري رهي آهيان، وڪالت جو مقصد اهڙن ماڻهن جي قانوني مدد ڪرڻ آهي جيڪي وڪيل ڪرڻ جي طاقت نٿا رکن. هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا چيو ته پاڻ کي شوبز کان ڪڏهن ڌار نٿي ڪري سگهان پر مان فلم ۽ ٽي وي ٻنهي ۾ ڪم ڪري رهي آهيان. وڪالت جي پريڪٽس جو اهو مقصد ناهي ته مان ڪا وڏي وڪيل بڻجي وينديس پر ان جو مقصد اهڙن ماڻهن جي قانوني مدد ڪرڻ آهي جيڪي پنهنجي دفاع لاءِ وڪيل ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *