ماهرا خان پاران رنبير سان دوستي بابت خبرن جي ترديد

ممبئي(شو بز نيوز) ناليواري پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان بالي ووڊ اسٽار رنبير ڪپور سان وڌندڙ ويجهڙائپ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان ٻنهي خلاف ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ بند ڪيون وڃن ڀارتي ميڊيا ۾ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان ۽ بالي ووڊ جي چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور بابت افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته ٻنهي وچ ۾ ڳچ عرصي کان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته ٻنهي وچ ۾ ويجهڙائپ به وڌندي پئي وڃي اهو ڪيترو صحيح آهي ۽ ڪيترو غلط ان باري ۾ في الحال رنبير طرفان ڪوبه ردعمل سامهون ناهي آيو پر اهو سلسلو ان وقت شروع ٿيو جڏهن مارچ ۾ رنبير ۽ ماهرا دبئي ۾ گلوبل ٽيچر پرائز جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ ٻنهي جي اسٽيج جي پويان ڪيل خفيا ڳالهين جي وڊيو سوشل ميڊيا تي هنگامو مچائي ڇڏيو وڊيو ۾ ماهرا رنبير سان ڪاوڙ ۾ ڪجهه چوندي نظر ائي هئي ۽ رنبير به ڪافي سنجيدا ڏسڻ ۾ اچي پيو انٽرنيٽ تي گردش ڪندڙ ان وڊيو کانپوءِ چيو پئي ويو ته ٻئي ڪيترائي ڀيرا هڪ ٻئي سان گڏ ڏسڻ ۾ آيا آهن ايستائين جو هڪ ڀارتي ويب سائيٽ مطابق ٻنهي کي گڏ پرڏيهه ۾ به ڏٺو ويو آهي جتي هو هڪ ٻئي سان گڏ وقت گذاري رهيا آهن جڏهن ته ماهرا پهريان ته انهن افواهن تي خاموشي اختيار ڪئي پر هاڻ ان جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي چڪو آهي ۽ هن ڀارتي ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ انهن ڪوڙين افواهن تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان جي ۽ رنبير بابت غلط خبرون ڦهلائڻ بند ڪيون وڃن ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته سڀ کان پهريان ته مان ڪجهه چوڻ چاهينديس ته منهنجي ۽ رنبير جي وچ ۾ ڪجهه ناهي جڏهن ته ٻي ڳالهه اها آهي ته بلڪل ڪجهه ناهي ۽ اهو پيغام سڀني لاءِ آهي. ۰۳

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *