ماهرا خان فلم رئيس ۾ اداڪار نوازالدين صديقي سان بولڊ سين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”رئيس“ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان بابت چيو پيو وڃي ته هن فلم ۾ اداڪار نوازالدين صديقي سان بولڊ سين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، بالي ووڊ ذريعن موجب فلم ۾ ريپ سين جو حصو ٿيڻ کان ماهرا خان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، جيڪو کيس نوازالدين صديقي سان گڏ ڪرڻو هو. واضح رهي رئيس فلم ۾ ماهرا خان مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي جڏهن ته ان سان گڏ شاهه رخ خان به مرڪزي ڪردار ۾ هوندو، ٻين اداڪارن ۾ نوازالدين صديقي، فرحان اختر به شامل آهن. فلمي پنڊتن موجب ماهرا کي سندس ڊرامي همسفر ڪري بالي ووڊ ۾ انٽري ملي پر سندس شاهه رخ خان سان گڏ اچڻ هن لاءِ خوش قسمتي کان گهٽ ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *