مان 13سال جيل ڀوڳيو آهي، موجوده وزيراعظم ڪرڙي کان به ڊڄندو آهي: آصف زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج ارشد ملڪ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وچ ۾ دلچسپ لفظن جي ڏي وٺ خميس تي ڪيس جي ٻڌڻي جج ارشد ملڪ ڪئي ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري انور مجيد جي اولاد سان بهتر رويو رکڻ جي درخواست ڪئي. نيب جي ٽيم سخت سيڪيورٽي ۾ آصف زرداري کي وٺي عدالت پهتي. جتي ٻڌڻي دوران رحمان ملڪ، نئربخاري، شيرين رحمان، عبدالغني مجيد جو خاندان به موجود هو ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري اومني گروپ جي اڳواڻ انور مجيد غني کي پاڻ سان گڏ ويهاريو ان موقعي تي آصف زرداري اٿي بيهي جج اڳيان پيش ٿيو ۽ چيو ته جيڪو ڪيس ڪرڻو هجي ضرور ڪيو پر انور مجيد جي بارڙن سان رويو بهتر رکو اهي پڙهيل لکيل ٻارڙا آهن ان سان بهتر رويو رکيو وڃي. اڳوڻي صدر عدالت ۾ چيو ته جيل ۾ گهڻو رهيو آهيان جيل ۾ به اهڙو سلوڪ نه ٿيندو آهي هي وائيٽ ڪالر ڪرائيم آهي عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ورتاءُ سٺو ڪري. آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته رستي ۾ جواب ڏيندي چيو ته اهي ڊڪيت نه آهن ۽ نه ئي ملڪ دشمن ماڻهو آهن ان تي جج ارشد ملڪ چيو ته اهي سماج دشمن ماڻهو آهن. جج دلچسپ واقعو بيان ڪندي چيو ته مون وٽ 3 جوابدار آيا هئا مان انهن کي سماج دشمن چيو هو اهي جوابدار منهنجي اڳيان آيا ۽ انهن ڳالهائيندي چيو ته اسان سماج دشمن نه آهيون پر اسان اناج دشمن آهيون ٻڌڻي دوران جوابدار عبدالغني مجيد ميڊيڪل سهولت جي درخواست ڏني ۽ چيو ته نيب اسپتال مان کنڀيو آهي طبي سهولتون ڏنيون وڃن. جوابدار جي اپيل تي جج چيو ته نيب هيڊ ڪوارٽر کي ڪنهن اسپتال ۾ ئي منتقل نه ڪري ڇڏي. جج  جي ريمارڪس تي آصف زرداري چيو ته اسان ايترا به ڪمزور نه آهيون اهي ٻيا ماڻهو هوندا جيڪي ڊڄندا هئا مان 13 سال اڪيلو قيد ڪاٽيو آهي مولا جو ڪرم آهي ته مون کي ڪجهه نه ٿيو جج جواب ڏنو ته سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه هوندا آهن ان کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *