مان ۽ ڪاجول ڪافي قريب آهيون، اسان ٻنهي ۾ پيار آهي: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ خان چيو آهي ته مان ۽ ڪاجول کي صرف دوست چئي مخاطب نٿا ڪري سگهو اسان ٻنهي وچ ۾ پيار خيال رکڻ ۽ حقيقي خواهش موجود آهي پنهنجي فلم دل والي جي نئين سانگ جي رليز ٿيڻ جي موقعي تي شاهه رخ خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان ۽ ڪاجول هڪٻئي جي تمام ويجهو آهيون شاهه رخ چيو ته ڪاجول ۽ مان ويجها دوست آهيون جنهن جي باعث مون کي ڪاجول جو صرف دوست چوندي ڪافي عجب لڳندو آهي اسان 21 يا 22 سال پهريان پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو هو ۽ ان سبب اسان هڪٻئي سان خوش رهندا آهيون شاهه رخ چيو ته مان ڪاجول سان جڏهن به ملندو آهيان مون کي اجنبيت محسوس نه ٿيندي آهي ۽ هو ڪاجول لاءِ هميشه سٺيون دعائون ڪندو آهي. فلم دل والي 18 ڊسمبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *