مان ۽ رنبير ڪپور شاهه رخ ۽ ڪاجول جي جوڙي جا وڏا مداح آهيون: دپيڪا پڊڪون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره دپيڪا پڊڪون چيو آهي ته مان ۽ رنبير ڪپور شاه رخ ۽ ڪاجول جي ڪامياب جوڙي جا مداح آهيون ۽ ان جي فين ڪلب ۾ ئي شمار ٿيون ٿا دپيڪا پڊڪون ۽ رنبير ڪپور جيڪيمسٽري کي ڪيترن ئي فلمن ۾ گهڻو ساراهيو ويو هو ايتري قدر جو ٻنهي جي جوڙي کي بالي ووڊ جي سب کان ڪامياب جوڙين مان هڪ شاهه رخ ۽ ڪاجول جي جوڙي سان به تشبيح ڏني ويئي دپيڪا ۽ رنبير بچنا اي حسينو، يه جواني هي ديواني ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي هي جوڙي امتياز علي جي هدايت ۾ ٺهيل فلم تماشا ۾ هڪ دفعو ٻيهر گڏ نظر ايندي ميڊيا سان ڳالاهيئندي دپيڪا پڊڪون چيو ته مون ۽ رنبير ڪپور کان پڇا ڪئي ويئي ته اسان ڪنهن فلم جو حصو بڻجڻ چاهينداسين جنهن تي اسان ٻنهي فلم دل والي دلهنيا لي جائينگي جو نالو ورتو هو اسان هن فلم جي لو اسٽوري کي ڏسندي وڏا ٿيا آهيون ۽ ٻين مداحن وانگر اسان به شاهه رخ ۽ ڪاجول جي جوڙي جا وڏا مداح آهيون. ٻنهي اداڪارن نئين فلم تماشا 27 نومبر تي سئنيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *