مان نسل پرست ناهيان، بليڪ لائيوز جي وڏي اهميت آهي : ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ نسل پرستي جي حوالي سان عوام ۾شعور پيدا ڪرڻ لاءِ علامتي طور گوڏا کوڙڻ کان انڪار تي معافي گهري ورتي.وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين نسل پرستي خلاف علامتي احتجاج ۾ شرڪت کان انڪار تي ساٿي رانديگرن ۽ مداحن کان معافي گهري آهي.ڊي ڪوڪ چيو آهي ته مان نسل پرست ناهيان، ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان علامتي احتجاج جي هدايتن جو انداز غلط هو، جيڪو مون کي سٺو نه لڳو.سندس موجب جيڪڏهن گوڏا کوڙڻ سان ٻين ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ انهن جي زندگي بهتر ٿئي ٿي ته مون کي ائين ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي.ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر چيو ته مان نسل پرستي خلاف بيهڻ جي اهميت کي سمجهان ٿو، جيڪڏهن ڪنهن جي دل ڏکي آهي ته مان ان کان معذرت ڪيان ٿو، مون لاءِ بليڪ لائيوز جي وڏي اهميت آهي.هن چيو ته پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏڻ کان وڌيڪ مون لاءِ ڪا شئي ناهي، جيڪڏهن مون کي ٽيم ۾ رکيو ٿو وڃي ته خوشي محسوس ڪندس.واضح رهي ته ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا پنهنجي رانديگرن کي هدايت ڪئي هئي ته ميچون شروع ٿيڻ کان اڳ گوڏا کوڙي ڪاري نسل وارن سان ڪئي ويندڙ تعصب خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو.ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف ڏکڻ آفريقا جي پهرين ميچ ۾ به ڊي ڪوڪ اڪيلو رانديگر هو، جنهن ”بليڪ لائيوز ميٽر“ جي حوالي سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته ڊي ڪوڪ ذاتي سببن جي بنياد تي ويسٽ انڊيز خلاف ميچ تان هٿ کنيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *