مان ملاله جي خلاف نه آهيان، بس غلط ڪم جو ساٿ نه پئي ڏيان: رابي پيرزاده

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڳوني ڳائڻي رابي پيرزاده چيو آهي ته هو ملاله يوسفزئي جي خلاف نه اهي، هو بس غلط ڪم جو ساٿ نه پئي ڏي ٽيوٽر تي جاري پيغام ۾ رابي پيرزاده چيو ته مان ملاله يا دنيا جي ڪنهن به شخص جي خلاف ناهيان رابي پيرزاده چيو ته ۽ شايد مان دنيا جي سڀ کان خراب انسان آهيان پر لکين ماڻهو مون کي فالو ڪن ٿا ۽ مان پنهنجو فرض سمجهان ٿي ته جيڪو به غلط ٿي رهيو آهي ان کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان رابي پيرزاده چيو ته مان پنهنجي ڪنهن به پيغام ۾ ملاله جي بيعزتي ناهي ڪئي پر مان ان کي درخواست ڪئي ته اها پنهنجي تازي بيان تي غور ڪري ياد رهي ته رابي پيرزادي ملاله يوسفزئي جي شادي جي حوالي سان ڏنل بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڀيڻ مان موسيقي ڇڏي ڏني آهي پر اوهان کي ڏسي مرحوم نصرت فتح علي خان ياد اچي ويو. ڪيا سي ڪيا هوگئي ديکتي ديکتي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *