مان سمجهان ٿي ته ”ڍولي تارو ڍول باجي“ گيت ۾ سٺي پرفارمينس ڏني آهي: سني ليون

ممبئي (شوبز نيوز) سني ليون چيو آهي ته هو سمجهي ٿي ته ”ڍولي تارو ڍول باجي“ گيت ۾ هن سٺي پرفارمينس ڏني آهي پر پوءِ به ايتري سٺي ڊانس ناهي ڪئي جو کيس ايشوريا راءِ سان ڀيٽيو وڃي. سني ليون جي نئين فلم ”ايڪ پهيل ليلا“ ۾ ايشوريا تي فلمايل گيت جو ريميڪ ڪيو آهي ان تي سندس چوڻ هو ته ان گيت تي ڊانس سبب هو ڏاڍي پريشان هئي، بالي ووڊ ۾ اچڻ ساڻ ئي سٺي ڪارڪردگيءَ تي ڪجهه اعليٰ اداڪارن سان ڀيٽيو ويندو آهي، پر تنهن هوندي اهڙن بهترين اداڪارائن سان ڀيٽڻ صحيح ناهي، ڇو جو اهي وڏا نالا آهن. سني ليون موجب هن سلمان ۽ ايشوريا تي فلمايل گيت جي ويڊيو ڏٺي هئي، منهنجي پرفارمنس ڏسڻ کان پوءِ ماڻهن جو اهو چوڻ سٺو لڳندو ته ”سني واقعي سٺو ڪم ڪيو آهي“ پر ايش سان ڀيٽڻ ٺيڪ ناهي. هڪ ٻئي بيان ۾ سني ليون جو چوڻ آهي ته هوءَ ماضيءَ ۾ ڪافي غلطيون ڪري چڪي آهي، پر مستقبل بابت سنجيده آهي. سني ليون جي نئين فلم ”ايڪ پهيلي ليلا“ 10 اپريل تي ٿي رهي آهي. فلم جي اشتهاري مهم جي موقعي تي هن چيو ته هوءَ بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ کان اڃا به پوريءَ طرح واقف ناهي ٿي. سني ليون جو خيال هو بالي ووڊ ۾ پنهنجا قدم ڃمائڻ لاءِ کيس اڃا وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. سني ليون پنهنجي شروعاتي فلمن بابت ٻڌائيندي چيو ته مون اڳ ڪافي غلطيون ڪيون، پر اهو صرف ان ڪري ٿيو جو مان بالي ووڊ جو حصو نه هئس. هن وڌيڪ چيو ته مون ”جيڪ پاٽ“ ۾ ڪم ڪيو، پر اها فلاپ وئي ته مون کي ڊپ ٿيڻ لڳو،”راگني ايم ايم ايس-2“ جو هٽ ٿيڻ مون لاءِ حوصلا افزا ڳالهه هئي ٻئي طرف ممبئيءَ ۾ هڪ شهريءَ پاران اداڪارا سني ليون تي ڪيس به داخل ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *