مان باليووڊ ۾ به ڪم ڪري چڪي آهيان : سارا لورين

لاهور (شوبز نيوز) مشهور اداڪاره ۽ ماڊل ساره لورين چيو آهي ته عيدالفطر تي پاڪستناي فلمن کي کلي کيڏڻ جو موقعو مليو ته نتيجا سڀني جي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 36

سامهون آهن، هاڻ اهو ثابت ٿي ويو ته شوقينن کي اهڙي فلم پسند ايندي آهي، جنهن جي ڪهاڻي جاندار، ميوزڪ شاندار ۽ نواڻ جو انداز منفرد هجي. شوبز ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي ساره لورين چيو ته عيد تي نمائش لاءِ پيش ٿيل فلمن شوقينن کي گهر کان نڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنهن جو وڏو سبب فلم جي مشهوري مهم آهي، جيڪا ڀرپور نموني هلائي وئي هئي، زبردست مشهوري جو نتيجو عيد تي ٿيل ڪمائي جي شڪل ۾ اسان وٽ موجود آهي. اهو هڪ سٺو سنوڻ آهي، ڏسندڙ معياري ۽ تفريحي فلمون پسند ڪن ٿا. ساره لورين وڌيڪ چيو ته مان باليووڊ ۾ به ڪم ڪري چڪي آهيان، ان لاءِ مان سمجهان ٿي ته باليووڊ ۾ پنهنجي فلم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جنهن ريت مشهوري مهم تي خرچ ٿيندو آهي ۽ فنڪار وقت ڪڍندا آهن ته نتيجي ۾ هر ڪو ئي فلم رليز ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هوندو آهي. اسان کي پنهنجي هدايتڪاري لائن مضبوط بڻائڻي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي پاڪستاني فلم، سينيما ۽ فنڪارن جو مستقبل محفوظ آهي. اداڪاره چيو ته ماڻهو خاندان سميت ٽڪيٽ خريد ڪري سينيما گهرن ۾ ويهڻ کانپوءِ سٺو محسوس ڪندا ۽ ڪهاڻي وڻندي ته هو ڀيري ڀيري سينيما جو رخ ڪندا، ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *