ماني جي چيئرمين ٿيڻ سان پاڪ-ڀارت سيريز جا امڪان وڌي ويا آهن: شهريار خان

 

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني جي موجودگي ۾ شهريار خان کي پاڪ-ڀارت سيريز جي اميد نظر اچڻ لڳي. اڳوڻي پي سي بي چيئرمين جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جي اڳوڻي صدر بورڊ جي سربراهي سنڀالڻ لاءِ بهترين چونڊ آهي، ايم ڊي وسيم خان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج پراڻن چهرن کي تبديل ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻو پوندو. تفصيل موجب هڪ پرڏيهي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي شهريار خان چيو ته احسان ماني جي پي سي بي چيئرمين ٿيڻ سان پاڪ-ڀارت سيريز جا امڪان وڌي ويا آهن، اميد آهي ته معاملن ۾ بهتري ايندي، آءِ سي سي جي اڳوڻي صدر ماني بورڊ جي ڪمان سنڀالڻ لاءِ بهترين چونڊ آهي، هو پنهنجن تجربا ۽ ايمانداري سان پاڪستان ڪرڪيٽ کي پيشوارڻي انداز ۾ بلندين ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو، هن چيو ته ايم ڊي وسيم خان سان ڪجهه سال اڳ لسيٽر ۾ ملاقات ٿي هئي، هو هڪ متاثر ڪندڙ شخصيت جو مالڪ ۽ ان عهدي سان انصاف ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيتون رکي ٿو. علائقائي ڪرڪيٽ ۾ سڌارو آڻڻ سندس پهرين ترجيح هئڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ سندس لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج پراڻن چهرن کي راضي ڪرڻو پوندو ته تبديلي جو عمل بهتري لاءِ آهي. شهريار خان چيو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کي گهرائڻ بدران ننڍا قدم کڻڻ وڌيڪ بهتر هوندو. ڀارت سان ڏنڊ وصولي ڪيس ڪيس ۾ ناڪامي ۽ بعد ۾ خرچن جي ادائيگي واري معاملي ۾ شهريا خان پنهنجي موقف کي دهرائيندي نجم سيٺي کي ذميوار قرار ڏنو. هن چيو ته مان گڏيل سيريز وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي حق ۾ هئس، نجم سيٺي گورننگ بورڊ جي ميمبرن کي ڪيس داخل ڪرڻ واري فيصلي جي حمايت تي مجبور ڪري ڇڏيو، مونکي پڻ اها ڳالهه مڃڻي پئي، پي سي سي آءِ خلاف ڪيس جي بنياد موجود هئي پر موقف مضبوط نه هو، بهرحال افوسوس جي ڳالهه آهي ته ان فيصلي کي پڻ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *